وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ٽنڊي محمد خان ۾ زهريلو شراب واپرائڻ سبب انساني جانين جي زيان جو نوٽيس ورتو

qaim-ali-shah

وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ٽنڊي محمد خان ۾ زهريلو شراب واپرائڻ سبب انساني جانين جي زيان جو نوٽيس وٺندي ايس ايس پي ٽنڊو محمد خان، ڊي ايس پي ۽ ايس ايڇ او کي معطل ڪرڻ ۽ ڊي آءِ جي حيدر آباد کي معاملي جي جاچ ڪري هفتي اندر رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.

وڏي وزير آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا سان فون تي رابطو ڪري کائنس ٽنڊو محمد خان سانحي جا تفصيل معلوم ڪيا ۽ ڊيوٽي ۾ غفلت ڪندڙ ذميوار عملدارن خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏنو.

وڏي وزير ايس ايس پي ٽنڊو محمد خان، ڊي ايس پي ۽ ايس ايڇ او کي معطل ڪرڻ ۽ ڊي آءِ جي حيدر آباد کي معاملي جي جاچ ڪري هفتي اندر رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.

هوڏانهن ايڪسائيز کاتي جي صوبائي وزير گيانچند اسراڻي به ٽنڊو محمد خان ۾ ڪچو شراب پيئڻ سبب انساني جانين جي زيان تي ٽي ايم ڪي ۾ مقرر  ايڪسائيز جي سموري عملي کي معطل ڪري ڇڏيو آهي………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*