پاڪستان جو ڏهاڙو قومي جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي،پاڪ ايئرفورس جي ويڙهاڪ جهازن پاران شاندار فلاءِ پاسٽ مارچ ڪيو ويو

23march

پاڪستان جو ڏهاڙو قومي جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي،   اسلام آباد جي شڪر پڙيان گرائونڊ ۾ ٽنهي هٿياربند فوجن جي پريڊ دوران ايئر چيف مارشل سهيل امان جي قيادت ۾ پاڪ ايئرفورس جي ويڙهاڪ جهازن پاران شاندار فلاءِ پاسٽ مارچ ڪيو ويو، جڏهن ته پريڊ دوران پاڪستان پاران تيار ڪيل الخالد ٽينڪس، هوائي دفاع واري سسٽم، ڊرون ٽيڪنالاجي، جديد راڊار نظام ۽ ٻئي دفاعي سامان جو به نماءُ ڪيو ويو.

سڄي ملڪ ۾ 76 هون يوم پاڪستان ملي جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي، ان موقعي تي وفاقي گادي واري شهر ۾ ڏينهن جي شروعات 31 ۽ صوبائي گادي وارن شهرن ۾ 21-21 توپن جي سلامتي سان ٿي.

يوم پاڪستان جي موقعي تي اسلام آباد جي شڪر پڙيان گرائونڊ تي ٽنهي هٿياربند فوجن جي شاندار پريڊ جو انعقاد ڪيو ويو، جنهن ۾ صدر ممنون حسين، وزيراعظم نواز شريف، وفاقي وزيرن، آرمي چيف جنرل راحيل شريف سميت ٽنهي هٿياربند فوجن جي سربراهن ۽ ٻي اعليٰ شخصيتن شرڪت ڪئي.

صدر ممنون حسين روايتي انداز ۾ صدارتي ٻگهي جي ذريعي تقريب ۾ پهتو، جنهن بعد هن پريڊ جو معائنو ڪيو.

پريڊ ۾ هوائي فوج جي ويڙهاڪ جهازن پاران ايئرچيف مارشل سهيل امان پاران شاندار فلاءِ پاسٽ مارچ ڪيو ويو، جڏهن ته پريڊ دوران پاڪستان پاران تيار ڪيل الخالد ٽينڪس، هوائي دفاع واري سسٽم، ڊرون ٽيڪنالاجي، جديد راڊار نظام ۽ ٻئي دفاعي سامان جو به نماءُ ڪيو ويو.

يوم پاڪستان جي موقعي تي سڄي ملڪ ۾ سڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا آهن، جڏهن ته اسلام آباد ۾ راولپنڊي ۾ منجهند ٽي وڳي تائين موبائيل فون سروس به بند رهندي………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*