سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ۽ گورنر عشرت العباد يوم پاڪستان تي ڪراچي ۾ قائداعظم جي مزار تي حاضري ڀري گلن جون چادرون چاڙهيون

qaim-ishrat

سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ۽ گورنر عشرت العباد يوم پاڪستان تي ڪراچي ۾ قائداعظم جي مزار تي حاضري ڀري گلن جون چادرون چاڙهيون آهن، وڏي وزير چيو آهي ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جون وڏيون قربانيون آهن ۽ دهشتگردي خلاف جنگ ۾ آرمي چيف جون ڪوششون به ساراهه جوڳيون آهن.

وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ۽ گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد ڪابينا جي ميمبرن سان گڏ قائداعظم جي مزار تي حاضري ڀري گلن جون چادرون چاڙهيون آهن.

مزار قائد تي حاضري ڀرڻ بعد وڏي وزير ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جون وڏيون قربانيون آهن ۽ آرمي چيف جون دهشتگردي خلاف ڪوششون به ساراهه جوڳيون آهن.

هن چيو ته سنڌ حڪومت غربت جي خاتمي ۽ انساني حقن جي پاسداري  لاءِ قدم کڻي رهي آهي.

وڏي وزير چيو ته قائداعظم مسلمانن جي ڌار وطن لاءِ وڏيون قربانيون ڏنيون ۽ سموريون پارٽيون عوام لاءِ جدوجهد ڪري رهيون آهن.

هن چيو ته آفيسرن  جي مقررين ۽ بدلين ۾ سپريم ڪورٽ جي فيصلي جو احترام ڪيون ٿا.

گورنر عشرت العباد چيو ته وفاقي حڪومت دهشتگردي خلاف قدم کڻي رهي آهي، گذريل سال کان هلندڙ سال بهتر ثابت ٿيو آهي. گذريل سال ۽ هلندڙ سال جي 23 مارچ ۾ وڏو  فرق آهي.

 هن چيو ته امن امان سبب ملڪ ۾ وڏن منصوبن تي ڪم جاري آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*