پاڪستان هـِن وقت دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي شڪل ۾ نئين دشمن کي منهن ڏئي رهيو آهي:صدر ممنون حسين

mamnoon-

صدر ممنون حسين چيو آهي ته پاڪستان هـِن وقت دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي شڪل ۾ نئين دشمن کي منهن ڏئي رهيو آهي، اسان جي منزل ملڪ کي دهشتگردي ۽ بدامني کان پاڪ ڪرڻ آهي، آپريشن ضرب عضب آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين جاري رهندو.

اسلام آباد جي شڪر پڙيان گرائونڊ  ۾ يوم پاڪستان پريڊ جي موقعي تي هٿياربند فوج جي پريڊ کي خطاب ڪندي صدر ممنون حسين چيو ته 23 مارچ پاڪستان جي نظرياتي سڃاڻپ جو ڏهاڙو آهي، ان تي هـُو سموري قوم کي واڌايون پيش ڪري ٿو.

 هـُن چيو ته اڄوڪي ڏينهن تي وطن جي دفاع لاءِ قربانيون ڏيندڙن کي ڀيٽا پيش ڪجي ٿي، پاڪ فوج پيشوراڻي مهارت ۾ ڪنهن کان به گهٽ نه آهي، هٿياربند فوج جو جذبو پهاڙن کان گهٽ نه آهي.

صدر چيو ته دشمن جو خيال هو ته هـِي ملڪ وڌيڪ نه هلي سگهندو پر 1940 ۾ منظور ٿيل ٺهراءَ کي 14 آگسٽ 1947 تي حقيقت ۾ تبديل ڪري ثابت ڪيو ويو ته اسان جون دليون ڳنڍيل آهن.

صدر ممنون حسين جو چوڻ هو ته پاڪستان اڄ ايٽمي طاقت هئڻ سان گڏ پنهنجي دفاع لاءِ پر عزم آهي،  پاڪستان ڪڏهن به هٿيارن جي ڊوڙ ۾ شامل ناهي ٿيو پر وطن جي دفاع لاءِ ڪنهن به قرباني کان نه ڪيٻايو ويندو.

صدر وڌيڪ چيو ته اڄ اسان دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي شڪل ۾ نئين دشمن کي منهن ڏئي رهيا آهيون، پر پاڪ فوج دهشتگردي خلاف جنگ ۾ بي مثال قربانيون ڏنيون آهن، اتر وزيرستان جلد دهشتگردن کان پاڪ ٿي ويندو.

صدر ممنون حسين چيو ته حڪومت جي منزل پاڪستان مان بدامني ۽ دهشتگردي جو خاتمو آهي، آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين آپريشن ضرب عضب جاري رکيو ويندو.

هن چيو ته جهالت جي خاتمي ۽ تعليم کي هٿي وٺرائڻ لاءِ حڪومت سنجيدگي سان ڪوششون وٺي رهي آهي، قوم جي ترقي وارو سفر به تيزي سان جاري آهي، اهو ڏينهن پري ناهي، جڏهن اسان ترقي يافته معاشري جي قيام ۾ ڪامياب وينداسين.

پاڙيسري ملڪن بابت ڳالهائيندي صدر ممنون حسين چيو ته پاڪستان سمورن پاڙيسري ملڪن سان بهتر لاڳاپا چاهي ٿو پر امن واري خواهش کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي، ملڪ ڏانهن اٿندڙ ڪا به مير اک سلامت نه رهي سگهندي.

ڪشمير معاملي تي ڳالهائيندي صدر ممنون حسين جو چوڻ هو ته ڪشمير اسان جي ساهه وار ي رڳ آهي، ان مسئلي جو پر امن حل چاهيون ٿا، پاڪستان ڪشميرين جي اخلاقي ۽ سفارتي مدد جاري رکندو……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*