دنيا جيان سنڌ ۾ به هولي جو رنگارنگ تهوار اڄ ملهايو پيو وڃي، مٺي جي مختلف مندرن ۾ پوڄا پاٽ جون خاص تقريبون

hooli

سڄي دنيا جيان سنڌ ۾ به هولي جو رنگارنگ تهوار اڄ ملهايو پيو وڃي، مٺي جي مختلف مندرن ۾ پوڄا پاٽ جون خاص تقريبون منعقد ڪري ملڪ ۽ قوم جي سلامتي ۽ خوشحالي لاءِ خاص دعائون گهريون پيون وڃن، هندو برادري جي عقيدي موجب هولي واري ڏينهن ڀينرون پنهنجي ڀائرن تان هار گهوري سندن وڏي ڄمار لاءِ به پراٿنائون ڪنديون آهن.

مٺي سميت سڄي دنيا ۾ اڄ بهار جي آمد جي خوشي ۾ هولي جو رنگارنگ تهوار جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي.

هولي جي موقعي تي ڀينرو پنهنجي ڀائرن تان هار گهوري سندس وڏي ڄمار لاءِ دعائون گهرنديون آهن، جڏهن ته مندرن ۾ پوڄا پاٽ جون خاص تقريبون منعقد ڪري ملڪ ۽ قوم جي خوشحالي ۽ سلامتي لاءِ دعائون گهريون پيون وڃن.

سڀاڻي رنگن جو تهوار ڌوڙيلي ملهايو ويندو، جنهن ۾ هڪ ٻئي تي رنگ هاري خوشي جو اظهار ڪيو ويندو.

هندو برادري جي عقيدي موجب هولي جو تهوار ظالم راجا جي مات ۽ ڀڳت پرهلاد جي سوڀ ۽ سچ ۽ حق جي سوڀ جي عقيدي موجب ملهايو ويندو آهي.

مٺي ۾ هڪ هفتي کان شام ڌاري نڪرندڙ پلي جي رسم واري ريلي اڄ به وڏي ڌام ڌوم سان ڪڍي ويندي، جنهن ۾ حق ۽ سچ جي سوڀ جي خوشي ۾ جشن ملهايا ويندا……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*