مصطفيٰ ڪمال ۽ انيس قائمخاني اڄ پنهنجي نئين پارٽي جي نالي ۽ منشور جو اعلان ڪري رهيا آهن

mustfa-kamal

مصطفيٰ ڪمال ۽ انيس قائمخاني اڄ پنهنجي نئين پارٽي جي نالي ۽ منشور جو اعلان ڪري رهيا آهن.

 3 مارچ تي ڏيهه ورڻ بعد نئين پارٽي جو اعلان ڪندڙ مصطفيٰ ڪمال ۽ انيس قائمخاني اڄ ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس دوران پنهنجي نئين سياسي پارٽي جي نالي ۽ منشور جو اعلان ڪندا، جڏهن ته ان موقعي تي پارٽي جي جهنڊي جو به نماءُ ڪيو ويندو.

مصطفيٰ ڪمال ۽ انيس قائمخاني جي ڏيهه واپسي کانپوءِ ڊاڪٽر صغير، وسيم آفتاب، افتخار عالم، رضا هارون ۽ انيس ايڊووڪيٽ سندن قافلي ۾ شامل ٿي چڪا آهن.

انيس قائمخاني ۽ مصطفيٰ ڪمال سنڌ جي ٻين شهرن جو دورو ڪرڻ جو به اعلان ڪيو آهي، ان سلسلي ۾ حيدرآباد ۾ پارٽي آفيس جي قيام لاءِ جڳهه مسواڙ تي ورتي وئي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*