ڳڙهي حسن سرڪي مان اغوا ڪيل معصوم نياڻي فضيلا سرڪي جي اغوا کي اڄ 9 سال مڪمل ٿي ويا،پر سندس وارث اڃان تائين انصاف جا منتظر

fazila sarki protest

ڳڙهي حسن سرڪي مان اغوا ڪيل معصوم نياڻي فضيلا سرڪي جي اغوا کي  اڄ 9 سال مڪمل ٿي ويا،پر سندس وارث اڃان تائين انصاف جا منتظر آهن، فضيلا جي بازيابي لاءِ سياسي سماجي تنظيمن پاران احتجاج مظاهرو ڪيو ويو.

ٺل ويجهو ڳڙهي حسن سرڪي مان اغوا ڪيل نياڻي فضيلا سرڪي جي اغوا کي اڄ 9 سال مڪمل ٿي ويا آهن، پر سندس وارث اڃان تائين نياڻي جي اوسئڙي ۾ آهن.

 فضيلا سرڪي جي بازيابي لاءِ وارثن سميت ايس ٽي پي، جسقم، قومي عوامي تحريڪ، وطن دوست مزدور فيدريشن ۽ ٻين سياسي سماجي تنظيمن پاران پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هڻي احتجاج ڪيو ويو.

مظاهرو ڪندڙ فضيلا جي امڙ سڪينه ۽ پيءُ عبدالرزاق سرڪي چيو ته معصوم نياڻي جي اغوا کي 9 سال ٿي ويا آهن، پر اڃان تائين کين انصاف نه مليو آهي.

هنن چيو ته مسلسل احتجاج باوجود حڪومت توڙي پوليس جي اعليٰ اختيارن سندن نياڻي کي بازياب ڪرائڻ لاءِ ڪي به جوڳا قدم  نه کنيا آهن.

هنن مطالبو ڪيو ته معصوم نياڻي فضيلا کي فوري طور بازياب ڪرائي ساڻن انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ هو احتجاج جاري رکندا………………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*