ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ رينجرز ۽ پوليس ڌار ڌار ڪاررواين دوران هڪ ٽارگيٽ ڪلر سميت 13 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو

karachi-rangres-21-11

ڪراچي جي مختلف علائقن ۾  رينجرز ۽ پوليس ڌار ڌار ڪاررواين دوران هڪ ٽارگيٽ ڪلر سميت 13 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو، عزيز آباد ۾ پوليس بينڪ مان ڌاڙي جي ڪوشش ناڪام بڻائيندي هڪ جوابدار کي سوگهو ڪري ورتو.

پوليس موجب عزيز آباد ۾ ٽن هٿياربندن بينڪ مان ڦر جي ڪوشش ڪئي ته پوليس اطلاع تي پهچي وئي، جنهن دوران پوليس  هڪ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو، جڏهن ته سندس 2 ساٿي فرار ٿي ويا.

ينجرز شهر جي مختلف علائقن ۾ ڇاپا هڻي هڪ ٽارگيٽ ڪلر سميت 8 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو ، رينجرز ترجمان جو چوڻ آهي ته گرفتار ڪيلن وٽان هٿيار هٿ ڪيا ويا آهن.

رينجرز ترجمان موجب ڳجهي اطلاع تي بلديه ٽائون، کارادر ۽ لائينز ايريا ۾ رينجرز پاران ڇاپا هڻي 8 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو.

رينجرز ترجمان موجب گرفتار ڪيلن ۾ هڪ ٽارگيٽ ڪلر به شامل آهي، جوابدارن وٽان هٿيار پڻ هٿ ڪيا ويا آهن.

هوڏانهن پوليس برگيڊ ٿاڻي جي حد ۾ ڪارروائي دوران 5 شڪي ماڻهن کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو، جن کان پڇاڳاڇا ڪئي پئي وڃي….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*