ايراني صدر حسن روحاني 25 مارچ تي پاڪستان جي دوري تي اسلام آباد پهچندو

Hassan Rouhani ايراني صدر حسن روحاني 25 مارچ تي پاڪستان جي دوري تي اسلام آباد پهچندو، پرڏيهي ترجمان جو چوڻ آهي ته مهمان صدر وزيراعظم نواز شريف ۽ صدر ممنون حسين سميت سياسي توڙي عسڪري قيادت سان ملاقاتون ڪندو.

پرڏيهي کاتي جي ترجمان نفيس ذڪريه پاران جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم نواز شريف جي دعوت تي ايران جو صدر حسن روحاني 25 مارچ تي اسلام آباد پهچندو، صدارت جو منصب سنڀالڻ بعد ايراني صدر جو هي پهريون دورو هوندو.

ايراني صدر سان گڏ ڪابينا جا وزير، واپاري وفد ۽ ٻيا سينيئر عملدار به گڏ هوندا.

حسن روحاني دوري دوران وزيراعظم نواز شريف، پاڪستاني هم منصب ممنون حسين ۽ ٻي سياسي توڙي عسڪري قيادت سان ملاقاتون ڪندو.

پرڏيهي ترجمان جو چوڻ آهي ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ مختلف معاهدن تي به صحيحون ڪيون وينديون ۽ ايراني صدر جي دوري سان ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا پڻ مستحڪم ٿيندا.

پرڏيهي ترجمان جو چوڻ آهي ته ملاقات دوران ايران تان پابنديون ختم ٿيڻ بعد اقتصادي معاملن کي وڌائڻ سميت ٻين اهم معاملن تي به ڳالهيون ڪيون وينديون………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*