نيوڪليئر سيڪورٽي وارو معاملو سموري دنيا لاءِ اهم آهي، عالمي برادري کي رڳو پاڪستان کي تنقيد جو نشانو نه بنائڻ کپي:عبدالباست

basit

پاڪستان جي ڀارت ۾ مقرر هاءِ ڪمشنر  عبدالباست چيو آهي ته نيوڪليئر سيڪورٽي وارو معاملو سموري دنيا لاءِ اهم آهي، عالمي برادري کي رڳو پاڪستان کي تنقيد جو نشانو نه بنائڻ کپي.

عبدالباست نيو دهلي ۾ پاڪستان ڊي جي حوالي سان ٿيندڙ تقريب کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان جو وزيراعظم واشنگٽن ۾ ٿيندڙ ٻن ڏينهن واري نيوڪليئر سيڪيورٽي سمٽ ۾ شرڪت ڪندو، هن چيو ته گهڻو ڪري اها آخري نيوڪليئر سيڪيورٽي سمٽ هوندي.

 هن چيو ته امريڪا پاڪستان کي غيرضروري طور ائٽمي هٿيارن کي محدود ڪرڻ لاءِ زور ڀري رهيو آهي،  هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان هڪ ائٽمي ملڪ طور وڏي اهميت رکي ٿو، هن چيو ته هو اميد ٿا ڪن ته عالمي برادري نيوڪليئر سيڪيورٽي جي لاءِ بنا ڪنهن متڀيد جي گڏجي ڪم ڪندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*