ٽي-ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ورلڊڪپ جي اهم ميچ ۾ هڪ ڀيرو قومي ٽيم جي بيٽنگ ناڪام ٿي وئي

pak-news

ٽي-ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ورلڊڪپ جي اهم ميچ ۾ هڪ ڀيرو قومي ٽيم جي بيٽنگ ناڪام ٿي وئي، جنهن سبب ٽيم جو سيمي فائنل مرحلي ۾ پهچڻ وارو امڪان گهٽجي ويو آهي.

ڀارتي شهر موهالي ۾ کيڏي ويل گروپ ٽو جي اهم ميچ ۾ نيوزيلينڊ جي  ٽيم جي ڪپتان ڪين وليمسن ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ ڪرڻ جوفيصلو ڪيو.

نيوزيلينڊ جي ٽيم مقرره 20 اوورس ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي 180رنز اسڪور ڪيون، جنهن ۾مارٽل گپٽل 48 بالن تي 10 چوڪن ۽3 ڇڪن جي مدد سان 80رنز جي اننگ کيڏي ٽاپ اسڪورر رهيو، جڏهن ته روز ٽيلر 36۽ڪوري اينڊرسن 21رنز اسڪور ڪيون.

قومي ٽيم پاران شاهد آفريدي 40۽ محمد سميع 23رنز ڏئي 2-2، جڏهن ته محمد عرفان 46رنز عيوض 1 وڪيٽ حاصل ڪئي.

قومي ٽيم جي اوپنرز احمد شهزاد ۽شرجيل خان اننگ جي شروعات سٺي ڪئي ۽5ڏهائي 3 اوورس ۾ 65رنز جي پارٽنرشپ جوڙي ڪاميابي جي اميد روشن ڪئي پر شرجيل خان جي آئوٽ ٿيڻ بعد ٽيم جي سمورن بيٽسمنن غيرزميواري جومظاهرو ڪيو ۽ مقرره 20 اوورس ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي 158رنز اسڪور ڪيون ۽ اهڙي طرح کين 22رنز تان شڪست ملي.

شرجيل خان 25 بالن تي 9 چوڪن ۽هڪ ڇڪي جي مدد سان 47رنز جي اننگ کيڏي ٽاپ اسڪورر رهيو.

احمد شهزاد 32 بالن تي 30، خالد لطيف 7 بالن تي 3، عمراڪمل 26 بالن تي 24، شاهد آفريدي 9 بالن تي 19، شعيب ملڪ 13 بالن تي 15۽سرفراز احمد 8 بالن تي 11رنز جي اننگ کيڏي.

ڪيوي ٽيم پاران سانٽنر ۽ ايڊم ملائن 2-2، جڏهن ته سوڊي هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.

مارٽن گپٽل کي بهترين بيٽنگ جو مظاهرو ڪرڻ تي مين آف دي ميچ جو ايوارڊ ڏنو ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*