پاڪستان جي ٽيم خلاف پلاننگ تحت ڪرڪيٽ کيڏي جنهن سبب ٽيم کي ڪاميابي حاصل ٿي:مارٽن گپٽل

Martin Guptill

پاڪستان خلاف اهم ميچ ۾ ٽيم کي ڪاميابي ڏياريندڙ ڪيوي ٽيم جي بيٽسمين مارٽن گپٽل چيوآهي ته پاڪستان جي ٽيم خلاف پلاننگ تحت ڪرڪيٽ کيڏي جنهن سبب ٽيم کي ڪاميابي حاصل ٿي آهي، جڏهن ته قومي ٽيم جي هيڊ ڪوچ وقاريونس شڪست جو زميوار مڊل آرڊر بيٽنگ کي قرار ڏئي ڇڏيو آهي.

پاڪستان جي ٽيم کي ٽي-ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ورلڊڪپ ۾ نيوزيلينڊ جي ٽيم قومي ٽيم کي 22رنز تان شڪست ڏئي ڇڏي.

ڪيوي ٽيم جي ڪاميابي ۾ مارٽن گپٽل جي شاندار 80 رنز جي اننگ اهم ڪردار ادا ڪيو.

ميچ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي مارٽن گپٽل چيو ته نيوزيلينڊ جي پچز جي ڀيٽ ۾ موهالي جي وڪيٽ سلو هئي،جنهن تي پوري ڌيان سان بيٽنگ ڪئي.

هن وڌيڪ چيو ته دنيا جي بهترين ٽيمن کي شڪست ڏيڻ بعد هو گهڻو پراميد آهي ته ٽيم سيمي فائنل ۾ ڪاميابي حاصل ڪندي.

ان موقعي تي قومي ٽيم جي هيڊ ڪوچ وقاريونس جو چوڻ هوته اوپنرز جي شاندار پارٽنرشپ بعد مڊل آرڊر بيٽنگ ايوريج کي نظر ۾ رکي نه کيڏي.

هن چيو ته جڏهن ميچ جي وچ ۾ رن ريٽ تيز ڪرڻ جي ضرورت هئي ته ان وقت بيٽسمنن تيزي سان رنز وٺڻ جي ڪوشش نه ڪئي، جنهن سبب ٽارگيٽ حاصل نه ٿي سگهيو.

وقاريونس جو چوڻ هو ته بيٽسمين ٽاپ آرڊر بيٽنگ ۾ پهرين نمبر تي کيڏڻ جي شڪايت ڪندڙن ميچ ۾ پورو موقعو مليو، ان کان پڇا ڪئي وڃي ته ان ڪهڙي پرفارمنس جومظاهرو ڪيو.

هن چيوته ٽورنامنٽ ۾ اڳئن مرحلي ۾ پهچڻ جي اميد آهي پر چانسز گهٽ آهن

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*