اڳوڻي آءِ جي غلام حيدر جمالي پاران سنگاپور ۾ ملڪيت ٺاهڻ سبب سندس خلاف مني لانڊرنگ جي جاچ

ig-sindh-jamali
نيب پاران سنڌ پوليس جي جاچ فنڊز ۾ گهوٻين واري معاملي جي جاچ جاري آهي، نيب ذريعن موجب ڪجهه پوليس عملدار پئسا واپس ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويا آهن، جڏهن ته اڳوڻي آءِ جي غلام حيدر جمالي پاران سنگاپور ۾ ملڪيت ٺاهڻ سبب سندس خلاف مني لانڊرنگ جي جاچ ڪئي ويندي.
جاچ پوليس جي فنڊز ۾ گهوٻين واري معاملي جي جاچ لاءِ نيب پاران پوليس عملدارن کان پڇا ڳاڇا جو سلسلو جاري آهي، ذريعن موجب نيب وٽ بيان رڪارڊ ڪرائيندڙ ڪجهه پوليس عملدار پلي بارگين ذريعي پئسا واپس ڪرڻ لاءِ تيار آهن.
ذريعن موجب اڳوڻي آءِ جي غلام حيدر جمالي پاران سنگاپور ۾ ملڪيت ٺاهڻ سبب سندس خلاف مني لانڊرنگ جي جاچ ڪئي ويندي.
سپريم ڪورٽ نيب کي پوليس فنڊز ۾ گهوٻين ۽ غير قانوني ڀرتين واري معاملي جي جاچ ڪري رپورٽ ڏيڻ جي هدايت ڪئي هئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*