بيلجيم پوليس برسلز ايئرپورٽ تي آپگهاتي حملا ڪندڙ ٻن ڀائرن خالد ۽ ابراهيم جي شڪي ساٿي نجيم کي گرفتار ڪري ورتو

8275_10154028260170528_2394359079785148270_n

بيلجيم پوليس برسلز ايئرپورٽ تي آپگهاتي حملا ڪندڙ ٻن ڀائرن خالد ۽ ابراهيم جي شڪي ساٿي نجيم کي گرفتار ڪري ورتو آهي

برسلز دهشتگرد حملن ۾ 34 ڄڻن جي مارجڻ ۽ اڍائي سئو جي لڳ ڀڳ زخمي ٿيڻ بعد اينٽي ٽيررسٽ پوليس حملن ۾ ملوث جوابدارن جي ڳولا لاءِ مختلف هنڌن تي ڇاپا هڻي نجيم کي گرفتار ڪري ورتو.

بيلجيم گهرو وزارت موجب ايئرپورٽ جي سي سي ٽي وي فٽيجز ۾ خالد ۽ ابراهيم سان گڏ نجيم کي به ڏٺو ويو هو، جن مان نجيم ته فرار ٿي ويو پر خالد ۽ ابراهيم مان هڪ ڄڻي آپگهاتي حملو ڪيو ۽ ٻئي مارجي ويا.

زوانتيم ايئرپورٽ تي ٻه ڌماڪا ڪيا ويا هئا، جڏهن ته هڪ آپگهاتي بيلٽ به هٿ ڪيو ويو هو، ايئرپورٽ ۽ ميٽرو اسٽيشن تي ٽن بم ڌماڪن ۾ 34 ڄڻا مارجي ويا هئا ۽ اڍائي سئو کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا هئا.

واقعي خلاف بيلجيم ۾ ٽن ڏينهن جو سوڳ ملهايو پيو وڃي، عمارتن تي قومي جهنڊا اڱاري ڏينهن ٻن آپگهاتي بم حملن کانپوءِ زوانتيم ايئرپورٽ ٻئي ڏينهن به بند آهي، ايئرپورٽ اختيارن جو چوڻ آهي ته جاچ ٽيم اڃا واضح نه ڪيو آهي ته ايئرپورٽ ڪيستائين کولي سگهبو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*