سنڌ سميت پوري دنيا ۾ اڄ هندو برادري هولي جي ڌوڙيلي وارو ڏڻ ملهائي رهي آهي، سنڌ ۾ عام موڪل

holi-day

سنڌ سميت پوري دنيا ۾ اڄ هندو برادري هولي جي ڌوڙيلي وارو ڏڻ ملهائي رهي آهي، سنڌ ۾ عام موڪل آهي، بلاول ڀٽو زرداري عمرڪوٽ ۾ هولي جي رسمن ۾ شريڪ ٿيندو.

سنڌ سرڪار هولي جي موقعي تي عام موڪل ڪئي آهي، ٻين صوبن ۾ رڳو هندو برادري سان تعلق رکندڙ ملازمن کي موڪل آهي.

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اڄ عمرڪوٽ جي ماروي گرائونڊ ۾ هولي جي رسمن ۾ شريڪ ٿيندو ۽ ڌوڙيلي جي موقعي تي کيس رنگ هنيا ويندا.

وڏو وزير سيد قائم علي شاهه، اطلاعات وارو صوبائي صلاحڪار مولا بخش چانڊيو، سينيئر وزير نثار کهڙو، صوبائي وزير سيد علي مردان شاهه ۽ ٻيا به بلاول ڀٽو زرداري سان گڏ موجود هوندا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*