ٽنڊي محمد خان سميت سنڌ جي مختلف شهرن ۾ زهريلو شراب واپرائڻ سبب فوت ٿيلن جو انگ وڌي 45 ٿي ويو

TANDOMUHMMAD-KHAN-

پڊعيدن ۾ به زهريلو شراب واپرائڻ سبب هڪ ڄڻو فوت ۽ 2 بيهوش ٿي ويا، جنهن بعد ٽنڊي محمد خان سميت سنڌ جي مختلف شهرن ۾ زهريلو شراب واپرائڻ سبب فوت ٿيلن جو انگ وڌي 45 ٿي ويو آهي، وڏي وزير آڏو پيش ڪيل رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته زهريلي شراب ۾ اهڙا ڪيميڪلز شامل هئا، جيڪي انسان جي جگر کي جسم کان ڌار پيا ڪري ڇڏين، وڏي وزير سمورن ضلعن جي انتظاميا کي ڪچو شراب تحويل ۾ وٺڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي، ايڪسائيز کاتي جي صوبائي وزير فوتين جي وارثن لاءِ 2-2 لک روپيا امداد جو اعلان ڪندي چيو آهي ته جوابدارن کي جلد گرفتار ڪري انصاف جي ڪٽهڙي ۾ بيهاريو ويندو.

پڊعيدن ۾ زهريلو شراب واپرائڻ سبب 3 ڄڻا بيهوش ٿي ويا، جن کي نوشهرو فيروز اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي محمد امين لاشاري فوت ٿي ويو، جنهن بعد ٽنڊي محمد خان سميت سنڌ جي مختلف علائقن ۾ زهريلو شراب واپرائڻ سبب فوت ٿيلن جو انگ وڌي 45 ٿي ويو آهي.

حيدرآباد سول اسپتال ۽ ٽنڊو محمد خان ۾ فوت ٿيلن جا لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا، فوت ٿيل 45 ڄڻن جا لاش ٽنڊو محمد خان سميت سنڌ جي مختلف شهرن ۾ دفنايا ويا.

زهريلو شراب واپرائڻ سبب فوت ٿيلن ۾موتي، ناتيو، شير محمد، راڻو، لالجي، اشوڪ، ريشمان، جئه رام، مانو، تلو، نٿو، ڀاڙو ميگهواڙ، چينو، خانجي ولد نيمڙو، بابو ولد شنڪر، پپو، فقيرو، ڪانجهي ولد ويرسن، شريمتي مونا ٻائي، راسين، شفيع، نرسنگ، محمد، وحيد ملاح، الله ڏنو ملاح، ميرو اوٺو، شوڪت اوٺو، بخش علي،فيمجي، شريمتي رواڙي، نارخان، رامو، نديم عالماڻي، اعجاز ، رفيق سولنگي ۽ ٻيا شامل آهن.

وڏي وزير آڏو پيش ڪيل رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڪچي شراب ۾ اهڙا ڪيميڪل شامل آهن جيڪي انسان جي جگر کي جسم کان ڌار پيا ڪري ڇڏين.

وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ٽنڊو محمد خان سميت سمورن ضلعن جي ڪمشنرز ۽ پوليس کي فوري طور ڪچو شراب پنهنجي تحويل ۾ وٺڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

هوڏانهن ايڪسائيز کاتي جي صوبائي وزير سگيانچند ايسراڻي فوتين جي وارثن لاءِ 2-2 لک روپيا معاوضي جو اعلان ڪندي چيو آهي ته ذميوارن خلاف جلد ڪارروائي ڪري جوابدارن کي عدالت جي ڪٽهڙي ۾ بيهاريو ويندو.

هن وڌيڪ چيو ته منشيات جي روڪٿام لاءِ قانون موجود آهي، ضرورت پئي ته قانون ۾ ترميم ڪري جوابدارن خلاف سخت قدم کنيا ويندا……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*