ڪراچي جي پپري واري علائقي ۾ حساس ادارن ڪارروائي دوران صفورا سانحي جي مک جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو

Safoora Attacksصفورا سانحي جِي جاچ ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي، ڪراچي جي پپري واري علائقي ۾ حساس ادارن ڪارروائي دوران صفورا سانحي جي مک جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو، جڏهن ته گلشن اقبال سميت مختلف علائقن مان آباد تنظيم جي اڳوڻي چئيرمين بابر مرتضيٰ چغتائي سميت 8 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو.

پپري واري علائقي ۾ حساس ادارن ڪارروائي ڪئي، جنهن دوران صفورا سانحي جو مک جوابدار علي رحمان عرف ٽوني کي گرفتار ڪيو ويو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدار علي رحمان عرف ٽوني صفورا سانحي جو مک جوابدار آهي، جڏهن ته وٽن مختلف قسمن جا هٿيار هٿ ڪيا ويا آهن.

ٻئي پاسي گلشن اقبال واري علائقي ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ڪارروائي ڪندي آباد جي اڳوڻي چيئرمين  بابر چغتائي کي حراست ورتو.

ذريعن موجب بابر مرتضيٰ چغتائي کي  جوابدار سعيد ڀرم جي نشاندهي تي  گرفتار ڪرڻ بعد اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪيو ويو آهي .

ذريعن موجب قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پاران حراست ۾ ورتل  بابر مرتضيٰ چغتائي تي چائنا ڪٽنگ ۾ ملوث  هئڻ جو الزام آهي.

هوڏانهن شهر جي مختلف علائقن ۾ پوليس ۽ رينجرز گڏيل ڪارروائين دوران هڪ ٽارگيٽ ڪلر سميت 8 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو.

پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدارن جي قبضي مان هٿيار هٿ ڪيا ويا آهن، وڌيڪ کانئن جاچ ڪئي پئي وڃي………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*