پاڪستان جي ڏهاڙي جي موقعي تي پاڪستان ڪوسٽ گارڊز پاران ڪراچي ۾ بوٽ ريس منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ 15 بوٽس حصو ورتو

pak-day

پاڪستان جي ڏهاڙي جي موقعي تي پاڪستان ڪوسٽ گارڊز پاران ڪراچي ۾ بوٽ ريس منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ 15 بوٽس حصو ورتو.

بوٽ ريس ڪيماڙي جيٽي کان شروع ٿي ۽ 2 ناٽيڪل ميل جو مفاصلو طئي ڪري منوڙا وٽ ختم ٿي، ريس ۾ سمنڊ ڪناري رهندڙ ڳوٺاڻن شرڪت ڪئي، جنهن کي ڏسڻ لاءِ وڏي انگ ۾ ڳوٺاڻا موجود هئا.

ڪوسٽ گارڊز جي ڊائريڪٽر جنرل برگيڊيئر عتيق الرحمان ريس جي پڄاڻي تي کٽيندڙن ۾ انعام ورهايا، ان موقعي تي ڳالهائيندي هن چيو ته ڪوسٽ گارڊز پاران پاڪستان ڏهاڙو ملهائڻ لاءِ مختلف تقريبون منعقد ڪيون ويون.

هن چيو ته بوٽ ريس ڪرائڻ جو مقصد مهاڻن توڙي ساحلي علائقن ۾ رهندڙ ماڻهن کي قومي جشن ۾ شامل ڪرڻ هو جيڪو سندن حب الوطني جي جذبي کي سرشار ڪري ٿو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*