پاڪستان ۽ آسٽريليا جي ٽيمن وچ ۾ سڀاڻي موهالي ۾ ميگا ايونٽ جي ميچ

New-Zealand-vs-Pakistan-Live-Streaming-world-t20-2016

ٽي-ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ورلڊڪپ ۾ خراب ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ قومي ڪرڪيٽ ٽيم ميگا ايونٽ جي آخري ميچ ۾ آسٽريليا خلاف ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ ڀرپور تيارين ۾ مصروف آهي.

پاڪستاني ٽيم ميگا ايونٽ ۾ ڀارت ۽ نيوزيلينڊ جي ٽيمن هٿان شڪست کائي چڪي آهي، جڏهن ته ايونٽ ۾ صرف قومي ٽيم بنگلاديش جي ٽيم کي شڪست ڏني آهي.

پاڪستان ۽ آسٽريليا جي ٽيمن وچ ۾ سڀاڻي موهالي ۾ ميگا ايونٽ جي ميچ رٿيل آهي.

مسلسل خراب ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ قومي ٽيم جي ڪپتان شاهد آفريدي سميت سمورن رانديگرن تي شديد تنقيد ٿي رهي آهي ۽ پي سي بي خراب ڪارڪردگي جو جائزو وٺڻ لاءِ ڪميٽي جوڙي آهي، جڏهن ته ذريعن جو چوڻ آهي ته ميگا ايونٽ بعد ڪپتان شاهد آفريدي، هيڊ ڪوچ وقاريونس ۽ چيف سليڪٽر هارون رشيد کي سندن عهدن تان هٽايو ويندو.

سڀاڻي جي ميچ ۾ فتح حاصل ڪرڻ لاءِ قومي ٽيم گذريل ڏينهن ڀرپور ٽريننگ سيشن ۾شرڪت ڪئي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*