مشرف لاءِ هڪڙو ۽ شهيد بينظير لاءِ ٻيو پاڪستان نه هجڻ گهرجي:بلاول ڀٽو زرداري

bilawal-bhoto-umar

پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اهو نه ٿو ٿي سگهي ته پرويز مشرف لاءِ ڌار پاڪستان ۽ شهيد راڻي بينظير ڀٽو لاءِ ڌار پاڪستان هجي، مسلمانن لاءِ ڌار ۽ هندن لاءِ ڌار ملڪ هجي، سنڌ ۾ هولي جي موقعي تي عام موڪل ڪئي وئي، پ پ زبردستي مذهب تبديل ڪرائڻ خلاف به بل پاس ڪرائيندي.

عمر ڪوٽ ۾ جلسي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڏياري مٺي واسين ۽ هولي عمرڪوٽ واسين سان ملهائي آهي، تاريخ ۾ پهريون ڀيرو سنڌ ۾ هولي تي  عام موڪل ڪئي وئي آهي.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پيپلز پارٽي انساني حقن جي ڳالهه ڪندي آهي، مشرف لاءِ هڪڙو ۽ شهيد بينظير لاءِ ٻيو پاڪستان نه هجڻ گهرجي، اهو نٿو ٿي سگهي ته غريب لاءِ هڪڙو ۽ امير لاءِ ٻيو پاڪستان هجي.

هن چيو ته هندوستان ۾ هڪ مسلمان صدر رهي چڪو آهي، پاڪستان ۾ اقليتي ماڻهو اهم عهدن تي ڇو نه پيا اچن.

بلاول ڀٽي زرداري چيو ته هو اقليتي برادري جي حقن لاءِ وڙهندو رهندو، زبردستي مذهب مٽائڻ خلاف قانونسازي ڪئي ويندي.

هن چيو ته نواز ليگ عورتن جي حقن لاءِ ڪمزور بل پاس ڪرايو آهي، قانونسازي ڪا راند نه آهي، هاڻي مذاق بند ٿيڻ گهرجي.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اقليتن کانسواءِ ملڪ جو قيام ممڪن نه هو، اسان ماضي جي غلطين مان سبق سکي ورتو آهي، پاڪستان ۾ عورتن سان اقليتن وارو سلوڪ ڪيو ويندو آهي، آصفا ۽ بختاور وانگر ڀينرون ساٿ ڏين ته ملڪ جي تقدير بدلائي سگهون ٿا.

عمر ڪوٽ ۾ گئس جي سهولت نه هئڻ جو ذڪر ڪندي هن چيو ته گئس سنڌ مان پئي نڪري پر عوام اڄ به گئس جي سهولت کان محروم آهي، وفاقي حڪومت عمر ڪوٽ کي گئس فراهم ڪري نه ته هو پاڻ احتجاج جي اڳواڻي ڪندو.

پ پ چيئرمين ڏکڻ پنجاب جي رٿيل دوري جو ذڪر ڪندي چيو ته هو اتان جي عوام سان به ڏک سک ۾ ساٿ ڏيندو.

جلسي کي خطاب ڪرڻ بعد بلاول ڀٽو زرداري ڳوٺ کاروڙو سيد ۾ صوبائي وزير علي مردان شاهه جي مانجهاندي ۾ شريڪ ٿيو، جتي ساڻس چونڊيل نمائندن ۽ علائقي جي معززن به ملاقات ڪئي…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*