وفاقي وزير زاهد حامد کي پي آءِ اي جي نجڪاري سميت ٻين بلز جي جائزي لاءِ جوڙيل ڪميٽي جو سربراهه مقرر ڪيو ويو

PIA11-9

وفاقي وزير زاهد حامد کي پي آءِ اي جي نجڪاري سميت ٻين بلز جي جائزي لاءِ جوڙيل ڪميٽي جو سربراهه مقرر ڪيو ويو آهي، ڪميٽي فيصلو ڪيو آهي ته پي آءِ اي سميت 6 بلز جي جائزي جي سموري ڪارروائي ميڊيا لاءِ اوپن رکي ويندي.

اپوزيشن ۽ حڪومت پاران پي آءِ اي جي نجڪاري واري معاملي تي جائزي لاءِ جوڙيل ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ وفاقي وزير زاحد حامد کي اتفاق راءِ سان چيئرمين چونڊيو ويو.

اجلاس ۾ وفاقي وزير خرم دستگير مطالبو ڪيو ته ڪميٽي جي ڪارروائي ان ڪئمرا هلائي وڃي، جڏهن ته پيپلزپارٽي، تحريڪ انصاف ۽ ايم ڪيو ايم ان جي مخالفت ڪئي.

ڪميٽي ميمبرز جو چوڻ هو ته ضرورت پوڻ تي اجلاس جي ڪارروائي ان ڪئمرا هلائي سگهجي ٿي.

اجلاس ۾ ڪميٽي ميمبر ۽ متحده اڳواڻ فاروق ستار چيو ته حڪومت پي آءِ اي جي نجڪاري بابت صورتحال واضح ڪري، جنهن بعد اسان پنهنجي حڪمت عملي طئي ڪنداسين.

زاهد حامد جو چوڻ هو ته پي آءِ اي جي نجڪاري نه پر اسٽريٽجڪ ڀائيواري ڪئي پئي وڃي، موجوده ڪميٽي کي پي آءِ اي جي نجڪاري وارا معاملا ڏسڻ جو اختيار نه آهي.

ڪميٽي ميمبر سينيٽر مشاهد الله چيو ته حڪومت پي آءِ اي جي نجڪاري تي ڪجهه به نٿي لڪائي، جيڪڏهن ائين آهي ته پوءِ مصطفيٰ ڪمال به گهڻيون ڳالهيون لڪائي رهيو آهي.

فاروق ستار چيو ته هڪ وقت تي هڪ ئي مصطفيٰ ڪمال کي منهن ڏئي سگهجي ٿو، مهرباني ڪري مشاهد الله صاحب توهان منهنجي لاءِ مصطفيٰ ڪمال نه بڻجو،فاروق ستار جي اهڙي جملي تي اجلاس ۾ ٽهڪڙا پئجي ويا………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*