احتساب جي نالي تي سياسي پارٽين کي ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪئي وئي: پرويز رشيد

islamabadnationalassemblyi0

اطلاعات ۽ قانون واري وفاقي وزير پرويز رشيد چيو آهي ته احتساب جي نالي تي سياسي پارٽين کي ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، نيب چيئرمين اداري مان خرابين جي خاتمي جي ڳالهه ڪئي آهي، تجويزن جي ذريعي نيب جي ڪارڪردگي بهتر ٿئي ٿي ته آجيان ڪئي ويندي.

قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ پ پ جي ميمبر عمران ظفر لغاري پاران نيب بابت اٿاريل سوال جي جواب ۾ پرويز رشيد چيو ته نيب کي بنا ثبوتن جي ڪنهن جو به پٽڪو لاهڻ جي اجازت نه آهي.

هـُن چيو ته جيڪڏهن احتساب جي نظام ۽ قانونن مان مطمئن ناهي ته تجويزون ڏنيون وڃن، جيڪڏهن قومي اسيمبلي پاران تجويزون ڏنيون ويون ته انهن تي به غور ڪيو ويندو.

پرويز رشيد چيو ته نيب چيئرمين به اداري مان خرابيون ختم ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي آهي، نيب جي بهتري لاءِ تجويزون ڏنيون ويون ته آجيان ڪئي ويندي.

ان کان اڳ پيپلزپارٽي جي ايم اين اي عمران ظفر لغاري چيو ته نيب جون صوبن ۾ ڪارروايون غير آئيني آهن، خيبرپختونخواهه ۾ پي ٽي آءِ جي قدمن جي آجيان ڪيون ٿا، تحريڪ انصاف قدم وڌائي هو ساڻن گڏ آهن.

عمران ظفر لغاري چيو ته نيب چيئرمين کي عدليه کان به وڌيڪ اختيار آهن، نيب احتساب جو نه پر وفاداريون تبديل ڪرڻ ۽ بليڪ ميلنگ جو ادارو آهي……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*