راولپنڊي جي ڪسٽم ڪورٽ، سپر ماڊل ايان علي خلاف مني لانڊرنگ جو ڪيس داخل ڪرائڻ واري درخواست تي فيصلو 30 مارچ تائين محفوظ ڪري ورتو

ayan ali

راولپنڊي جي ڪسٽم ڪورٽ، سپر ماڊل ايان علي خلاف مني لانڊرنگ جو ڪيس داخل ڪرائڻ واري درخواست تي فيصلو 30 مارچ تائين محفوظ ڪري ورتو آهي.

راولپنڊي جي ڪسٽم عدالت جي جج  راڻا آفتاب احمد سپر ماڊل ايان علي خلاف ڪرنسي اسمگلنگ ڪيس ۽ سندس خلاف مني لانڊرنگ جو ڪيس داخل ڪرڻ بابت ڪسٽم جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻيءَ دوران ماڊل ايان علي عدالت ۾ پيش نه ٿي، جنهن تي عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي کيس فوري طور تي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو.

عدالتي حڪم بعد ماڊل ايان علي پيش ٿي، جنهن دوران ڪسٽم جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته ايان علي 41 پرڏيهي دورا ڪيا آهن، هوءَ مني لانڊرنگ ۾ ملوث آهي، عدالت کي استدعا آهي ته ايان علي خلاف مني لانڊرنگ جو ڪيس داخل ڪرڻ  ڪرڻ ۽ جاچ جي اجازت ڏني وڃي.

وڪيل لطيف کوسا ريمارڪس ڏنا ته ڪسٽم عملدار پاڻ چئي چڪا آهن ته ايئرپورٽ تان مليل پئسا ايان علي جا هئا ته پوءِ مني لانڊرنگ جو ڪيس ڪيئن ٿو داخل ڪري سگهجي.

عدالت، ڪسٽم جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي، جيڪو 30 مارچ تي ٻڌايو ويندو، جڏهن ته ڪرنسي اسمگلنگ ڪيس جي ٻڌڻي 28 اپريل تائين ملتوي ڪئي وئي………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*