وزيراعظم نواز شريف سان امريڪي سفير ڊيوڊ هيل ملاقات ڪري ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن سميت اهم معاملن تي ڳالهيون ڪيون

nawaz-meet-safeer

وزيراعظم نواز شريف سان امريڪي سفير ڊيوڊ هيل ملاقات ڪري ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن سميت اهم معاملن تي ڳالهيون ڪيون آهن، وزيراعظم جو چوڻ آهي ته پاڪستان امريڪا سان اقتصادي شعبي ۾ لاڳاپن کي هٿي وٺرائڻ چاهي ٿو، ايندڙ مهيني امريڪي صدر براڪ اوبامه سان نتيجو ڏيندڙ ملاقات جو منتظر آهيان.

 پي ايم هائوس ۾ وزيراعظم نواز شريف سان پاڪستان ۾ مقرر امرڪي سفير ڊيوڊ هيل ملاقات ڪئي، جنهن دوران وزيراعظم جو خاص معاون طارق فاطمي به موجود هو.

ملاقات دوران پاڪ امريڪا لاڳاپن، وزيراعظم نواز شريف جي امريڪي دوري ۽ افغان مفاهمتي جي عمل جي ڪاميابي سميت مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

ملاقات دوران ڳالهائيندي وزيراعظم نواز شريف چيو ته پاڪستان، امريڪا سان مضبوط لاڳاپا چاهي ٿو ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ اقتصادي شعبي کي هٿي وٺرائڻ جو خواهشمند آهي.

وزيراعظم چيو ته امريڪي دوري دوران براڪ اوبامه سان نتيجو ڏيندڙ ملاقات جو منتظر آهي، سندس امريڪي دوري سان ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيندا.

هن چيو ته پاڪستان، افغانستان ۾ امن، استحڪام ۽ ترقي لاءِ ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، افغان مفاهمتي عمل جي ڪاميابي لاءِ به  پاڪستان جو سهولتڪار وارو اهم ڪردار آهي.

ان موقعي تي ڳالهائيندي امريڪي سفير ڊيوڊ هيل چيو ته مستحڪم افغانستان خطي جي امن لاءِ اهم آهي، افغان امن جي بحالي لاءِ پاڪستان جو ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*