ڳڙهي حسن سرڪي مان 9 سال اڳ اغوا ڪيل فضيلا سرڪي جي بازيابي لاءِ جيڪب آباد ۾ سياسي پارٽين جي ڪارڪنن ۽ وارثن احتجاجي مظاهرو

thul-fazila-protest

ڳڙهي حسن سرڪي مان 9 سال اڳ اغوا ڪيل فضيلا سرڪي جي بازيابي لاءِ جيڪب آباد ۾ سياسي پارٽين جي ڪارڪنن ۽ وارثن احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

فضيلا سرڪي جي بازيابي لاءِ آل پارٽيز جي سڏ تي شعبان ابڙو، عابد سنڌي، عبدالرزاق سرڪي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

اڳواڻن چيو ته پوليس رڳو ناڪام آپريشن ڪري رهي آهي، هيل تائين معصوم نياڻي فيضلا جو ڪوبه ڏس پتو ناهي ملي سگهيو.

هنن چيو ته فضيلا سرڪي جي اغوا کي 9 سال گذريل ويا آهن، پر حڪومت توڙي پوليس جون اعليٰ اختياريون خاموش تماشائي بڻيل آهن.

اڳواڻن مطالبو ڪيو ته معصوم نياڻِي فضيلا سرڪي کي فوري طور بازياب ڪرايو وڃي، ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*