بل جي ڪجهه نقطن تي اتفاق ٿي ويو آهي، مردن کي ضمانت ڏيڻي پوندي ته اهي عورتن تي تشدد نه ڪندا:راڻا ثناءُ الله

rana-snaullah01-9

 مـَذهبي اڳواڻن، پنجاب اسيمبلي مان منظور ڪرايل عورتن جي تحفظ واري بل ۾ مردن کي ڪڙو لڳائڻ واري شق بابت وضاحت کي اڻپورو قرار ڏئي ڇڏيو آهي، قانون واري وزير راڻا ثناءُ الله جو چوڻ آهي ته بل جي ڪجهه نقطن تي اتفاق ٿي ويو آهي، مردن کي ضمانت ڏيڻي پوندي ته اهي عورتن تي تشدد نه ڪندا.

پنجاب  اسيمبلي مان منظور ڪرايل بل تي مذهبي اڳواڻن جا خدشا ختم ڪرڻ لاءِ قانون واري وزير راڻا ثناءُ الله جي سربراهي ۾ حڪومتي ڪميٽي مذهبي اڳواڻن سان ملاقات ڪئي.

ملاقات دوران ڪميٽي پاران مذهبي اڳواڻن کان بل ۾ ترميم بابت تجويزون ورتيون ويون ۽ کين تفصيلي طور تي آگاهه پڻ ڪيو ويو.

گڏجاڻي بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله چيو ته مذهبي اڳواڻن بل جي ڪجهه نقطن تي اتفاق ڪيو آهي پر مردن کي ڪڙو لڳائڻ واري شق تي بيان ڪيل وضاحت کي اڻپورو قرار ڏنو ويو آهي.

پنجاب جي قانون واري وزير چيو ته مردن کي عورتن مٿان تشدد نه ڪرڻ جي ضمانت ڏيڻي پوندي، جيڪڏهن عورت ۽ مرد ۾ جهيڙو ٿئي ٿو ته ڇوڪريءَ جي شڪايت تي گهر جا وڏا صلح ڪرائي سگهن ٿا…………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*