نمائندن جو ڪردار اهڙو هئڻ گهرجي جو انهن لاءِ هارس ٽريڊنگ جو لفظ استعمال نه ٿيڻ گهرجي:سـُپريم ڪورٽ

superemcourt12-8

سـُپريم ڪورٽ، مڪاني نمائندن پاران سياسي پارٽيون تبديل ڪرڻ واري ڪيس ۾ ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته چونڊيل جو نمائندن جو ڪردار اهڙو هئڻ گهرجي جو انهن لاءِ هارس ٽريڊنگ جو لفظ استعمال نه ٿيڻ گهرجي، ملڪ جون حالتون ڏسي ججز کي به روئڻ ايندو آهي پر کليل نموني سان روئي ناهيون سگهندا.

چيف جسٽس، جسٽس انور ظهير جمالي جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽـِي رڪني بينچ خيبرپختونخواهه جي مڪاني چونڊن ۾ ڪامياب ٿيل نمائندن پاران سياسي پارٽي تبديل ڪرڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

جـَي يو آءِ جي وڪيل اعتزاز احسن دليل ڏيندي چيو ته مقرر ڪيل وقت کانپوءِ چونڊيل نمائندا سياسي پارٽي تبديل نٿا ڪري سگهن، عوامي نمائندگي جو قانون سمورن مڪاني نمائندن تي لاڳو ناهي هوندو.

اعتزاز احسن چيو ته جيڪڏهن چونڊيل نمائندن مقرر وقت کانپوءِ پارٽي جو نالو تبديل ڪيو ته اليڪشن تي اثر پوندو آهي.

جسٽس خلجي عارف ريمارڪس ڏنا ته چونڊيل نمائندن جو ڪردار ايترو ته مضبوط هئڻ گهرجي جو انهن لاءِ نااهلي جي قانون جي ضرورت نه پوي.

جسٽس خلجي عارف ريمارڪس ۾ چيو ته چونڊيل نمائندن لاءِ هارس ٽريڊنگ جو لفظ به استعمال نه ٿيڻ گهرجي،  چونڊيل نمائندن کي ويڪائو مال چوڻ درست ناهي.

تحريڪ انصاف جي وڪيل بابر اعواڻ چيو ته رضا رباني مضبوط ڪردار جو مالڪ هو، ان ڪري ان پارليامينٽ ۾ روئي ڏنو.

جسٽس خلجي عارف ريمارڪس ڏنا ته ملڪ جون حالتون ڏسي اسان کي به روئڻ ايندو آهي، ججز کليل نموني نه پر دل ۾ روئندا آهن…………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*