ايم ڪيو ايم ميمبرز سنڌ اسيمبلي جو اجلاس ڪارروائي کان اڳ ئي ملتوي ڪرڻ تي اسپيڪر آغا سراج دراني خلاف احتجاج

mqm-assembly

ايم ڪيو ايم ميمبرز سنڌ اسيمبلي جو اجلاس ڪارروائي کان اڳ ئي ملتوي ڪرڻ تي اسپيڪر آغا سراج دراني خلاف احتجاج ڪندي چيو آهي ته ڪورم پورو ڪرڻ اسيپڪر جي ذميواري هئي، سنڌ ۾ شراب جي واهپي سبب روز ماڻهو پيا مرن، بدانتظامي سبب سنڌ حڪومت ناڪام ٿي چڪي آهي.

سنڌ اسيمبلي جو اجلاس ملتوي ٿيڻ بعد ايوان ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ايم ڪيو ايم اڳواڻ ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته اڄوڪو ڏينهن ضايع ڪري اسپيڪر غلظ ڪيو، ڪورم پورو ڪرڻ اسپيڪر جي ذميواري هئي.

ايم ڪيو ايم اڳواڻن چيو ته سنڌ اسيمبلي جو اجلاس به سنڌ حڪومت طلب ڪيو هو، ڪورم پورو هئڻ باوجود اجلاس جي ڪارروائي ملتوي ڪرڻ اسيمبلي جي رولز خلاف آهي.

ايم ڪيو ايم اڳواڻن چيو ته ڪچو شراب واپرائڻ سبب روزانو ماڻهو مري رهيا آهن، سنڌ حڪومت بدانتظامي سبب ناڪام ٿي چڪي آهي………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*