فنڪشنل ليگ ڪچي شراب جي وڪري ۽ ٽنڊو محمد خان سانحي بعد سنڌ حڪومت خلاف مهملي رٿ آڻڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

nand-kumar-F-lig

فنڪشنل ليگ ڪچي شراب جي وڪري ۽ ٽنڊو محمد خان سانحي بعد سنڌ حڪومت خلاف مهملي رٿ آڻڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، فنڪشنل ليگ جي پارلياماني ليڊر نند ڪمار بوڪلاڻي چيو آهي ته ٽنڊو محمد خان سانحي جو ڪيس ايڪسائيز واري صوبائي وزير گيانچند ايسراڻي خلاف داخل ڪيو وڃي.

سنڌ اسيمبلي جو اجلاس شروع ٿيڻ کان اڳ ايوان ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي فنڪشنل ليگ جي پارلياماني ليڊر نند ڪمار بوڪلاڻي چيو ته ڪچي شراب جي وڪري ۽ ٽنڊو محمد خان سانحي خلاف مهملي رٿ جمع ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

فنڪشنل ليگ جي پارلياماني ليڊر چيو ته ٽنڊو محمد خان سانحي ۾ سنڌ حڪومت ملوث آهي، واقعو منٿليون وڌائڻ تان پيش آيو آهي.

هن چيو ته ٽنڊو محمد خان سانحي جو ڪيس ايڪسائيز جي صوبائي وزير گيانچند ايراڻي خلاف داخل ڪيو وڃي.

فنڪشنل ليگ اڳواڻ چيو ته سپريم ڪورٽ سانحي جو پاڻمرادو نوٽيس وٺي، ذميوارن خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏي.

نند ڪمار بوڪلاڻي چيو ته پ پ جا اڳواڻ هولي ملهائڻ لاءِ عمرڪوٽ ته ويا پر ٽنڊي محمد خان ۾ انساني جانين جي زيان تي فوتين جي وارثن سان همدردي جي اظهار لاءِ ڪو به لڙي نه ويو…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*