سپريم ڪورٽ، حيدرآباد ڊولپمينٽ اٿارٽي ۾ ڊيپوٽيشن تي مقرر 20 ملازمن کي فوري طور هٽائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

Supremecourtkarachi

سپريم ڪورٽ، حيدرآباد ڊولپمينٽ اٿارٽي ۾ ڊيپوٽيشن تي مقرر 20 ملازمن کي فوري طور هٽائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

جسٽس امير هاني مسلم جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ حيدرآباد ڊولپمينٽ اٿارٽي ۾ ڊيپوٽيشن تي مقررين بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل عدنان ڪريم پيش ٿيو، جنهن رپورٽ پيش ڪئي.

عدالت حيدرآباد ڊولپمينٽ اٿارٽي جي 20 ملازمن کي فوري طور هٽائڻ جو حڪم ڏنو آهي.

عدالت چيف سيڪريٽري سنڌ کي سمورا ڊيپوٽيشن تي مقررين وارو معاملو ڏسڻ جي هدايت ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي اڻڄاڻايل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*