گهوٽڪي ويجهو گذريل ڏينهن قتل ٿي ويل نوجوان جي وارثن باءِ پاس تي لاش رکي ڌرڻو هنيو

ghotkimap11-9

گهوٽڪي ويجهو گذريل ڏينهن قتل ٿي ويل نوجوان جي وارثن باءِ پاس تي لاش رکي ڌرڻو  هنيو، مظاهرين جو چوڻ هو ته ڪارنهن تڪرار تان جوابدارن بيگناهه نوجوان کي ماريو آهي، قاتل گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.

ڳوٺ ڪرم چاچڙ ۾ هٿيار بندن هٿان قتل ٿي ويل نوجوان پنهل چاچڙ جي وارثن مقتول جو لاءِ باءِ پاس تي رکي ڌرڻو، جنهن سبب سنڌ ۽ پنجاب ڏانهن ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي.

مظاهرين چيو ته جوابدارن ڪارنهن تڪرار تان ٻئي شخص جي پلاند ۾ بيگناهه نوجوان کي  گوليون هڻي قتل ڪيو آهي.

هنن چيو ته پوليس واقعي جو ڪيس داخل نه پئي ڪري ۽ نه وري جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته نوجوان کي بيگناهه قتل ڪندڙ جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪري ساڻن انصاف ڪيو وڃي……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*