شڪارپور ۾ روينيو ملازمن ٽائيم اسڪيل، فوتي ڪوٽا ۽ ٻيون مرعاتون نه ملڻ خلاف آفيسن جي تالا بندي ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو

ravenue

شڪارپور ۾ روينيو ملازمن ٽائيم اسڪيل، فوتي ڪوٽا ۽ ٻيون مرعاتون نه ملڻ خلاف آفيسن جي تالا بندي ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو.

روينيو ملازمن غلام سرور کونهارو، نظام الدين ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي ڊي سي آفيس آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

مظاهرين چيو ته سنڌ جا 18 هزار روينيو ملازم پنهنجي جائز حقن لاءِ  2009ع کان احتجاج ڪري رهيا آهن، پر ڪير به سندن دانهن ٻڌڻ وارو ناهي.

هنن چيو ته ٻين صوبن ۾ ملازمن کي ٽائيم اسڪيل، سن ڪوٽا سان گڏ رهائشي ڪالونيون ڏيڻ سميت اپگريٽ ڪيو ويو آهي، پر  سنڌ جا ملازمن دربدر آهن.

هنن چتاءُ ڏيندي چيو ته سندن جائز مطالبا تسليم نه ڪيا ويا ته  چار اپريل تي سنڌ جا سمورا ملازم ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾ گڏ ٿي شهيدن جي مزارن آڏو احتجاج ڪندا…………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*