گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي اجلاس ۾ ڪالاباغ ڊيم رٿا کي سنڌ ۽ ڪي پي جي وڏن وزيرن جي سخت احتجاج کانپوءِ خارج ڪري ڇڏيو

kalagab-dam

گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي اجلاس ۾ ٻوڏن کان بچاءَ بابت پيش ڪيل فلڊ پروٽيڪشن پلان ۾ شامل ڪيل ڪالاباغ ڊيم رٿا کي سنڌ ۽ ڪي پي جي وڏن وزيرن جي سخت احتجاج کانپوءِ خارج ڪري ڇڏيو، وڏي وزير قائم علي شاهه چيو آهي ته اسان ڪالا باغ ڊيم جا ڪالهه به سخت مخالف هئاسين ۽ اڄ به پنهنجي موقف تي قائم آهيون.

وزير اعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو 29هون اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سنڌ جي وڏي وزير قائم علي شاهه سميت چئني صوبن جا وڏا وزير ۽ وفاقي وزير شريڪ ٿيا.

اجلاس ۾ فيڊل فلڊ پروٽيڪشن ڪميشن پيش ڪيل پلان ۾ ڪالاباغ ڊيم رٿا کي شامل ڪرڻ تي سنڌ جي وڏي وزير قائم علي شاهه ۽ خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير پرويز خٽڪ سخت احتجاج ڪيو.

گڏيل مفادن واري ڪائونسل سنڌ ۽ ڪي پي ڪي جي وڏن وزيرن جي سخت احتجاج کانپوءِ فلڊ پروٽيڪشن پلان مان ڪالا باغ ڊيم رٿا کي خارج ڪري ڇڏيو.

وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو ته اسان ڪالا باغ ڊيم جا ڪالهه به سخت مخالف هئاسين ۽ اڄ به پنهنجي موقف تي قائم آهيون.

هن چيو ته سنڌ جي پاڻيءَ جو ڪو به حساب نه پيو ڏنو وڃي، 1991ع واري پاڻي ٺاهه ۾ ڪالاباغ ڊيم رٿا شامل نه آهي، فلڊ ڪميشن پلان ۾ ان رٿا کي ڪيئن شامل ڪيو ويو………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*