ڪراچي ۾ رينجرز پاران امن امان واريون ذميواريون سنڀالڻ سان پاڪستان جي ساک خراب ٿي آهي: يونس بشير

chambir-of-commerce

ڪراچي چيمبرز آف ڪامرس جي صدر يونس بشير چيو آهي ته سڄي دنيا ۾ امن امان وارا انتظام پوليس سنڀالي ٿي، ڪراچي ۾ رينجرز پاران امن امان واريون ذميواريون سنڀالڻ سان پاڪستان جي ساک خراب ٿي آهي، ڊپٽي اسپيڪر شهلا رضا چيو آهي ته ڪراچي جا واپاري بهادر آهن جيڪي خراب حالتن ۾ به ٻاهر نه ويا، شهيد بينظير ڀٽو به چوندي هئي ته اسان کي رينجرز جي ضرورت پوندي.

ڪراچي جي ايڪسپو سينٽر ۾ چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري پاران “ماءِ ڪراچي” جي عنوان سان ٽن ڏينهن واري نمائش اڄ کان شروع ٿي وئي آهي.

نمائش جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪراچي چيمبرس آف ڪامرس جي صدر يونس بشير چيو آهي ته دنيا ۾ امن امان پوليس سنڀاليندي آهي، پر ڪراچي ۾ رينجرز سنڀالي ٿي، جنهن سان پاڪستان جي ساک خراب ٿي آهي.

هن وڌيڪ چيو ته پوليس ۾ سياسي ڀرتين جي ڪري پوليس مردار ٿي وئي آهي، پوليس جي ڪارڪردگي کي بهتر بڻائڻ لاءِ سياسي ڀرتين وارو نظام ختم ٿيڻ گهرجي.

تقريب کي خطاب ڪندي سنڌ اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر شهلا رضا چيو ته ڪراچي جا واپاري بهادر آهن، جيڪي خراب حالتن ۾ به ملڪ کان ٻاهر نه ويا.

شهلا رضا چيو ته شهيد بينظير ڀٽو به چوندي هئي ته اسان کي ڪراچي ۾ امن امان لاءِ رينجزز جي ضرورت پوندي، لياري جا گينگسٽر اسان کي تحفي ۾ مليا هئا، جن کي اسان ختم ڪيو.

ڊپٽي اسپيڪر چيو ته رينجرز کي گهرائڻ ۾ سڀني جون ٽنگون پيو ڏڪن، پر اسان رينجرز کي گهرائي انهن کي مضبوط ڪيو، سنڌ گئس ۽ 18هين ترميم جي حوالي سان وفاق کان پنهنجو حق وٺندي، واپارين کي به وفاقي حڪومت کي اهو چوڻ گهرجي ته “ساڊا حق، اٿي رک”.

 تقريب کي خطاب ڪندي صوبائي وزير محمد علي ملڪاڻي چيو آهي ته فيصلو ٿيو هو ته فيڊرل حڪومت آپريشن لاءِ پئسا ڏيندي، پر ان هڪ رپيو به نه ڏنو، وفاق سنڌ سان ايترو سهڪار نه پيو ڪري، جيڪو پنجاب سان پيو ڪري.

تقريب کي خطاب ڪندي سڪندر مينڌري چيو ته سنڌ حڪومت ۽ واپارين جو واسطو هميشا سٺو رهيو آهي، ڪراچي ۾ پهرين تمام گهڻا مسئلا هئا، هاڻي بهتري اچي وئي آهي…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*