ڪراچي ۾ کير جو اگهه 80 روپيا مقرر ڪيو ويو آهي

melk in karachi

ڪمشنر ڪراچي کير جي اگهن بابت رپورٽ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرائيندي چيو آهي ته ڪراچي ۾ کير جو اگهه 80 روپيا مقرر ڪيو ويو آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جي سربراهي ۾ کير جي اگهه بابت داخل درخواست جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران ڪمشنر ڪراچي کير جي اگهه بابت رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ڪمشنر ڪراچي کان پڇاڻو ڪيو ته، ٻڌايو وڃي ته کير جو معيار چيڪ ڪرڻ بابت ڪو نظام موجود آهي.

ڪمشنر ڪراچي چيو ته کير جو معيار ۽ اگهه چيڪ ڪرڻ لاءِ شهر جي مختلف علائقن ۾ غير معياري ۽ مهانگو کير وڪرو ڪندڙ واپارين خلاف ڪارروائيون ڪيون ويون آهن.

 ڪمشنر ڪراچي کير جي اگهه بابت رپورٽ پيش ڪندي چيو ته گذريل ٻن سالن دوران کير جي قيمت مقرر نه ڪئي وئي آهي، شهر ۾ کير جي في ليٽر جي قيمت 80 روپيا آهي…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*