ڀٽيڪل ماڻهن کي پيغام ڏيان ٿو ته اهي سڌري وڃن، ٻي صورت ۾ سخت ڪارروائي ڪئي ويندي:ڪمانڊر سدرن ڪمانڊ ليفٽيننٽ جنرل عامر رياض

general-riaz

ڪمانڊر سدرن ڪمانڊ ليفٽيننٽ جنرل عامر رياض چيو آهي ته جڏهن به بلوچستان جي ترقيءَ جي ڳالهه ايندي آهي ته دشمن بي قرار ٿي ويندو آهي،  ڀٽيڪل ماڻهن کي پيغام ڏيان ٿو ته اهي سڌري وڃن، ٻي صورت ۾ سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.

ڪوئيٽا اسڪائوٽس ۾ يوم شهدا جي حوالي سان تقريب کي خطاب ڪندي ڪمانڊر سدر ڪمانڊ ليفٽيننٽ جنرل عامر رياض چيو ته ڪيترائي ڀيرا چئي چڪو آهيان ته جنگ سٺي ڳالهه نه آهي، گذريل 10 سالن ۾ 60 هزار جي ويجهو ماڻهن جان جو نذرانو ڏنو آهي پر يقين ڏياريان ٿو ته هـِن جنگ ۾ ڪاميابي پاڪستان جي ٿيندي.

هـُن چيو ته اسان کي پنهنجي شهيدن جي قربانين تي فخر آهي، هـِن ملڪ جي پاڙن ۾ ڪيترن ئي شهيدن جي رت شامل آهي ۽ اسان کي ئي هن ملڪ جو دفاع ڪرڻو آهي.

ليفٽيننٽ جنرل عامر رياض چيو ته جڏهن به بلوچستان جي ترقي جي ڳالهه ايندي آهي ته دشمن بي قرار ٿي ويندو آهي، هي ظالم ماڻهو اسان جي ملڪ جي نظرئي جي خلاف آهن، ڀٽڪيل ماڻهن کي پيغام ڏيان ٿو ته سڌري وڃن، ٻي صورت ۾ سخت ڪارروائي عمل ۾ آڻي سگهجي ٿي.

 ڪمانڊر سدرن ڪمانڊ وڌيڪ چيو ته ڪو لنڊن، ڪو جنيوا ۽ ڪو مذهب جي نالي تي استعمال ٿي رهيو آهي پر هي وقت پاڻ ۾ وڙهڻ نه اڳتي وڌڻ جو آهي، اندر جا ماڻهو سازشن ۾ اچڻ بدران ملڪ جي ترقي لاءِ ڪردار ادا ڪن………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*