حيدرآباد جي اينٽي ڪرپشن عدالت ٿر جي متاثرن لاءِ مليل امدادي ڪڻڪ ۾ خرد برد جي الزام هيٺ گرفتار مختيارڪار ڏاهلي سميت چئن عملدارن کي جيل اماڻي ڇڏيو

heath-kari

حيدرآباد جي اينٽي ڪرپشن عدالت ٿر جي متاثرن لاءِ مليل امدادي ڪڻڪ ۾ خرد برد جي الزام هيٺ گرفتار مختيارڪار ڏاهلي سميت چئن عملدارن کي جيل اماڻي ڇڏيو آهي، عملدارن کي ڪجهه ڏينهن گرفتار ڪيو ويو هو.

ڏاهلي مان گرفتار ڪيل مختيارڪار عزيز الله سومرو، اسسٽنٽ مختيارڪار عالم سميجو، تپيدار، نياز جنجهي ۽ جان محمد سهتي اينٽي ڪرپشن اسپيشل ڪورٽ جي جج محبوب علي جانوري آڏو پيش ڪيو ويو.

 عدالت چئن ئي عملدارن کي جيل نارا اماڻي ڇڏيو آهي.

 واضح رهي ته عملدارن کي ڏڪار متاثرن لاءِ مليل ڪڻڪ ۾ ڪروڙين رپين جي خرد برد جي الزام هيٺ گرفتار ڪيوويو هو…………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*