اينٽي ڪرپشن جي صوبائي عدالت تعليم واري صوبائي سيڪريٽري فضل الله پيچوهو جي ضمانت ۾ 9 اپريل تائين واڌ ڪري ڇڏي

fazal-allah-pachuho

اينٽي ڪرپشن جي صوبائي عدالت تعليم واري صوبائي سيڪريٽري فضل الله پيچوهو جي ضمانت ۾ 9 اپريل تائين واڌ ڪري ڇڏي.

اينٽي ڪرپشن ڪورٽ ۾ سيڪريٽري تعليم خلاف ڪرپشن جو ڪيس هلندڙ آهي، عدالت نوشهري فيروز جي استاد محمد مٺل جي درخواست تي سيڪريٽري تعليم جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري چڪي آهي.

درخواست گذار سيڪريٽري تعليم کي ڌر ڄاڻائيندي موقف اختيار ڪيو هو ته،  هو استاد آهي، ٽي مهينا اڳ کيس معطل ڪيو ويو هو ۽ بعد ۾ پئسا وٺي کيس بحال ڪيو ويو.

صوبائي اينٽي ڪرپشن جي عدالت سيڪريٽري تعليم جي ضمانت ۾ واڌ واري درخواست منظور ڪندي سندس ضمانت ۾ 9 اپريل تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*