گڏيل مفادن واري ڪائونسل پاڪ فوج جي آپريشن ضرب عضب ۾ رڌل هئڻ جي ڪري ملڪ ۾ رٿيل ڇهين آدمشماري هڪ ڀيرو ٻيهر ملتوي

cc-meeting

گڏيل مفادن واري ڪائونسل پاڪ فوج جي آپريشن ضرب عضب ۾ رڌل هئڻ جي ڪري ملڪ ۾ رٿيل ڇهين آدمشماري هڪ ڀيرو ٻيهر ملتوي ڪري ڇڏي آهي.

وزيراعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو 29 هون اجلاس ٿيو، جنهن ۾ چئني صوبن جي وڏن وزيرن، وفاقي وزير ۽ شماريات کاتي جي عملدارن شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ شماريات کاتي پاران بريفنگ ڏني وئي ته شفاف نموني آدمشماري ڪرائڻ لاءِ 3 لک فوجي جوان گهربل آهن، جڏهن پاڪ فوج جي آپريشن ضرب ۾ رڌل هئڻ سبب گهربل فوجي جوان ملڻ ممڪن نه آهي.

سنڌ سرڪار مطالبو ڪيو ته آدمشماري ڪرائڻ وقت جي اهم گهرج آهي، جيڪڏهن سموري ملڪ ۾ گڏيل طور آدمشماري نٿي ڪرائي سگهجي ته پوءِ مرحليوار ڪرائي وڃي.

شماريات کاتي بريفنگ ڏيندي چيو ته مرحليوار آدمشماري ڪرائي سگهجي ٿي، پر هاڻوڪين حالتن ۾ ڪرائي وئي ته اها تڪراري بڻجي ويندي.

شماريات کاتي چيو ته گهربل فوجي اهلڪار نه ملڻ جي ڪري مرحليوار آدمشماري نٿي ڪرائي سگهجي، جڏهن ته مرحليوار آدمشماري ڪرائڻ سان ڪيترائي سوال اٿي سگهن ٿا.

گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي اجلاس ۾ اتفاق ڪيو آهي ته آدمشماري ملتوي ڪري نئين تاريخ لاءِ چئني صوبن ۽ هٿياربند فوج سان هڪ ڀيرو ٻيهر به مشاورت ڪئي وڃي…………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*