صدر ممنون حسين ۽ ايراني هم منصب حسن روحاني وچ ۾ ملاقات دوران دهشتگردي جي خاتمي لاءِ گڏيل ڪوششون وٺڻ ۽ دفاع سميت ٻين شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ تي اتفاق

nawaz-meeting-hassan

صدر ممنون حسين ۽ ايراني هم منصب حسن روحاني وچ ۾ ملاقات دوران دهشتگردي جي خاتمي لاءِ گڏيل ڪوششون وٺڻ ۽ دفاع سميت ٻين شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي، صدر ممنون حسين چيو آهي ته پاڙيسري ملڪن سان بهتر لاڳاپا چاهيون ٿا، پاڪ-ڀارت لاڳاپن ۾ بهتري لاءِ ڪشمير مسئلي جو حل اڻٽر آهي.

ٻن ڏينهن جي دوري تي پاڪستان پهتل ايراني صدر حسن روحاني ايوان صدر ۾ پاڪستاني هم منصب ممنون حسين سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران ٻه طرفن لاڳاپن سميت مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون.

 ملاقات دوران ٻنهي ملڪن پاران دهشتگردي جي خاتمي لاءِ گڏيل ڪوششون وٺڻ تي اتفاق ڪيو  ويو، جڏهن ته صدر ممنون حسين عالمي پابنديون ختم ٿيڻ تي ايراني صدر حسن روحاني کي واڌايون ڏنيون.

ان موقعي تي ڳالهائيندي صدر ممنون حسين چيو ته پاڪستان ايران کان بجلي خريد ڪرڻ جو سوچي رهيو آهي، ايران سان ٻين شعبن ۾ به سهڪار چاهيون ٿا.

هن چيو ته پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ ڀائراڻا لاڳاپا آهن، ٻنهي ملڪن ۾ زميني ۽ هوائي رابطن ۾ به واڌ ٿيڻ گهرجي.

صدر ممنون حسين چيو ته پاڪستان، ڀارت سميت سمورن پاڙيسري ملڪن سان بهتر لاڳاپا چاهي ٿو،  پاڪ ڀارت لاڳاپن ۾ بهتري لاءِ ڪشمير مسئلي جو حل اڻٽر آهي.

صدر ممنون وڌيڪ چيو ته خطي ۾ استحڪام لاءِ افغانستان ۾ امن ضروري آهي، اميد ته افغان طالبان ۽ افغان حڪومت ۾ ڳالهين جو ٻيو دور جلد ٿيندو.

 ملاقات دوران ڳالهائيندي ايراني صدر حسن روحاني چيو ته پاڪ ايران لاڳاپن ۾ ڪا به رنڊڪ نه آهي، خطي جا مسئلا ڳالهين ذريعي حل ڪيا وڃن…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*