خيرپور ۾ مبينا طور زهريلي دوا پي آپگهات ڪندڙ عورت جي وارثن مڙس تي قتل ڪرڻ جو الزام هڻندي کيس گرفتار ڪرڻ جو مطالبو

khirpur-map-anti19-8

خيرپور ۾ مبينا طور زهريلي دوا پي آپگهات ڪندڙ عورت جي وارثن مڙس تي قتل  ڪرڻ جو الزام هڻندي کيس گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

ڳوٺ سنهڙو جي رهواسڻ مسمات خالده جاگيراڻي کي مبينا طور زهريلي دوا پئيڻ بعد سول اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي هن دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو.

عورت جي وارثن ڀاڳيو رند، اياز رند، آندل ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ اسپتال ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪيو.

مظاهرين چيو ته خالده سان سندس مڙس جي گهرو اڻبڻت سبب ناچاڪي هئي، کين شڪي آهي ان کيس زهر ڏئي ماريو آهي.

هنن مطالبو ڪيو ته معاملي جي درست نموني جاچ ڪرائي ملوث جوابدار خلاف ڪارروائي ڪري ساڻن انصاف ڪيو وڃي…………………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*