ٽنڊو محمد خان ۾ ڪچو شراب واپرائڻ سبب متاثر ٿيلن مان 7 ڄڻا اکين جي نور کان محروم ٿي ويا

TANDOMUHMMAD-KHAN-

ٽنڊو محمد خان ۾ ڪچو شراب واپرائڻ سبب متاثر ٿيلن مان 7  ڄڻا اکين جي نور کان محروم ٿي ويا آهن، ڊاڪٽرز جو چوڻ آهي ته متاثرن جي دماغ تي ميٿائل الڪوهل جو اثر  هئڻ سبب بيناهي هلي وئي آهي.

ڪچي شراب واپرائڻ بعد حيدرآباد جي سول اسپتال ۾ داخل 25 کان وڌيڪ مريضن مان ست ڄڻا  اکين جي نور کان محروم ٿي ويا آهن.

بينائي کان محروم ٿيلن ۾ عمران سمون، بابو ميگهواڙ، هوملو ٺڪر، سڪندر ڪنڊرا، ڀورو ميگهواڙ ۽ محمد سليم شامل آهن.

ماهر ڊاڪٽر بيکارام جو چوڻ آهي ته ميٿائل الڪوهل جو اثر مريضن جي دماغ ۽ اکين تي ٿيو آهي، جنهن سان مريضن جي رت جون ناليون ڦاٽڻ ڪري اکن جا پردا ڦاٽي پيا آهن.

  ڊاڪٽر بيکارام چيو ته متاثرن جي ديد بحال ٿي ته 15 کان 20 سيڪڙو هوندي، ڪجهه مريضن جي آپٽيڪل نرو به متاثر ٿي آهي.

ڊاڪٽر بيکارام جو وڌيڪ چوڻ هو ته ميٿائل الڪوهل جو اثر دماغ ۽ اکين تي ٿيندو آهي، جنهن سان انهن جي بيناهي متاثر ٿي آهي…………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*