ٺل ۾ مغوي نينگري فضيلا سرڪي جي بازيابي لاءِ فضيلا جي والدين سميت پ پ شهيد ڀٽو جي اڳواڻي ۾ مختلف سياسي پارٽين پاران احتجاجي ڪيمپ لڳائي وئي

thul-fazila-

ٺل ۾ مغوي نينگري فضيلا سرڪي جي بازيابي لاءِ فضيلا جي والدين سميت پ پ شهيد ڀٽو جي اڳواڻي ۾ مختلف سياسي پارٽين پاران احتجاجي ڪيمپ لڳائي وئي،

ٺل ڀرسان ڳوٺ ڳڙهي حسن سرڪي مان 9 سال اڳ اغوا ٿي ويل نينگري فضيله سرڪي جي بازيابي لاءِ پ پ شهيد ڀٽو پاران پريس ڪلب آڏو احتجاجي ڪيمپ لڳائي وئي، جنهن ۾ نينگري فضيله سرڪي جي والدين عبدالرزاق سرڪي، سڪينه سرڪي سميت مختلف سياسي پارٽين سنڌ يونائيٽڊ پارٽي، قومي عوامي تحريڪ، سنڌ ترقي پسند پارٽي، جي يو آءِ جي اڳواڻن سميت شهرين شرڪت ڪئي.

احتجاجي ڪيمپ ۾ شرڪت ڪندڙ مختلف اڳواڻن چيو ته 9 سال گذرڻ باوجود پوليس هڪ نينگري کي بازياب نه ڪرائي سگهي آهي، هنن وڌيڪ چيو ته وڏي وزير ۽ آءِ جي جي حڪمن باوجود پوليس ڪي خاص قدم نه کڻي رهي آهي، هنن مطالبو ڪيو ته فضيله سرڪي کي جلد بازياب ڪرائي ملوث ماڻهن کي گرفتار ڪيو وڃي….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*