خانپور ۾ چئن ورهين جي ٻارڙي کي پوليو هئڻ جي تصديق

khanpur-polio-case

خانپور ۾ چئن ورهين جي ٻارڙي کي پوليو هئڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي، جنهن بعد هلندڙ سال سنڌ ۾ 3 ۽ سموري ملڪ ۾ 8 پوليو ڪيسز ظاهر ٿي چڪا آهن

يوسي شبير آباد جي ڳوٺ چيزل جتوئي جي رهواسي 4 ورهين جي معصوم ٻارڙي سليم کي پوليو هئڻ جي تصديق ٿي آهي.

متاثر ٻارڙي جي پيءُ ميرل جتوئي جو چوڻ هو ته ٻارڙي جي ساڄي ڄنگهه ڪم ڇڏي وئي هئي، جنهن بعد کيس علاج لاءِ اسپتال متتقل ڪيو ويو.

هن چيو ته اسپتال ۾ چڪاس کانپوءِ جزا وٺي ليبارٽري اماڻيا ويا، جتان ٻارڙي کي پوليو هجڻ جي تصديق ٿي آهي.

هن چيو ته صحت کاتي پاران پوليو کان بچاءُ جي درست نموني ويڪسينيشن نه ڪئي وئي آهي، جنهن ڪري سندن ٻارڙي کي پوليو ٿيو آهي.

هن مطالبو ڪيو ته معاملي جي جاچ ڪرائي سانڻ انصاف ڪيو وڃي ۽ غير ذميوار عملدارن خلاف ڪارروائي وڌيڪ ٻارڙن کي موذي مرض کان بچايو وڃي.

هواڏنهن ٻارڙي کي پوليو جي تصديق ٿيڻ بعد ڊي ايڇ او سميت صحت کاتي جي ٻين عملدارن ۾ ٿرٿلو مچي ويو آهي.

واضح رهي ته هلندڙ سال 2016 ع ۾ سنڌ ۾ 3 ۽ سموري ملڪ ۾ پوليو جا 8 ڪيس ظاهر ٿي چڪا آهن……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*