بايو ميٽرڪ سسٽم آڻڻ سان استادن جي حاضري وارو عمل بهتر ٿيو آهي:فضل الله پيچوهو

fazilallah

سيڪريٽري تعليم فضل الله پيچوهو چيو آهي ته بايو ميٽرڪ سسٽم آڻڻ سان استادن جي حاضري وارو عمل بهتر ٿيو آهي، تعليم کي وڌيڪ بهتر ڪرڻ لاءِ ڪوششون جاري آهن.

سيڪريٽري تعليم فضل الله پيچوهو شھدادپور جي مختلف  اسڪولن جو دورو ڪري تدريسي عمل جو جائزو ورتو.

ميڊيا سان ڳالهائيندي سيڪريٽري تعليم جو چوڻ  هو ته  بايو ميٽرڪ سسٽم آڻڻ سان استادن جي حاضري وارو عمل بهتر ٿيو آهي.

فضل الله پيچوهو جو چوڻ هو ته تعليم کي بهتر ڪرڻ لاءِ استادن جي حاضري کي يقيني بڻايو ويندو ۽ غير حاضر رهندڙ استادن خلاف ڪاررائي ڪبي.

هن وڌيڪ چيو ته تدريسي عمل بهتر نه هئڻ واري شڪايتن تي هو پاڻ اسڪولن جا دورا ڪري رهيو آهي، جن اسڪولن ۾ سهولتن جي کوٽ آهي ته اتي وڌيڪ ڌيان ڏنو ويندو…………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*