ڪراچي پريس ڪلب تي گذريل ڏينهن ٿيل حملي جو ڪيس آر آر ڪلري ميدان ٿاڻي تي 10 نامزد جوابدارن سميت 90 ڄڻن خلاف داخل

kpc

ڪراچي پريس ڪلب تي گذريل ڏينهن ٿيل حملي جو ڪيس آر آر ڪلري ميدان ٿاڻي تي 10 نامزد  جوابدارن سميت 90 ڄڻن خلاف داخل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته پوليس ڪارروائي ڪري 7 نامزد جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

ڪراچي پريس ڪلب تي حملي جو ڪيس سرڪار جي مدعيت ۾ آر آر ڪلري ميدان ٿاڻي تي 10 نامزد جوابدارن سميت 90 ڄڻن خلاف داخل ڪيو ويو آهي.

ڪيس داخل ٿيڻ بعد پوليس مختلف علائقن ۾ ڪارروايون ڪندي 7 نامزد جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي،  جھن ۾ عمير خان، عبيد احمد خواجه رضا، محمد رضا، ظفر اقبال عبدالقادر ۽ عرفان شامل آهن.

ايف آءِ آر ۾ دهشتگردي جا قلم پڻ شامل ڪيا ويا آهن، ڄاڻايو ويو آهي ته جوابدارن جي واسطو هڪ مذهبي جماعت سان آهي…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*