لاهور ۾ پوليس ڪارروائي ڪري آپگهاتي بمبار جي چئن ڀائرن سميت 15 شڪي ماڻهن کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو

lahore-police-opration

لاهور ۾ آپگهاتي حملو ڪندڙ مبينا دهشتگرد جي سڃاڻپ مظفر ڳڙهه واسي محمد يوسف طور ڪئي وئي آهي، جنهن بعد پوليس ڪارروائي ڪري آپگهاتي بمبار جي چئن ڀائرن سميت 15 شڪي ماڻهن کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو، جڏهن ته ڌماڪي جو ڪيس اڻڄاتل ماڻهن خلاف اقبال ٽائون ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو آهي.

پوليس موجب لاهور جي گلشن پارڪ ۾ ٿيل آپگهاتي حملو ڪندڙ مبينا دهشتگرد جي سڃاڻپ محمد يوسف پٽ غلام فريد طور ڪئي وئي آهي.

پوليس جو چوڻ آهي ته بمبار جي سڃاڻپ ڌماڪي واري هنڌ تان هٿ آيل سڃاڻپ ڪارڊ ذريعي ڪئي وئي، مبينا دهشتگرد جو تعلق پنجاب جي علائقي مظفر ڳڙهه سان آهي.

پوليس جو چوڻ آهي ته سڃاڻپ ڪارڊ ۾ بمبار جي پيدائش جو ڏينهن پهرين جنوري 1988ع آهي، وڌيڪ جاچ لاءِ معاملو سي ٽي ڊي حوالي ڪيو ويو آهي.

پوليس مظفر ڳڙهه ۾ آپگهاتي بمبار محمد يوسف جي گهر تي ڇاپو هڻي سندس چئن ڀائرن کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي، جن جي ڊي اين اي ٽيسٽ ذريعي سڃاڻپ ڪرائي ويندي.

هوڏانهن گلشن اقبال پارڪ ڌماڪي جو ڪيس لاهور جي اقبال ٽائون ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ دهشتگردي، قتل ۽ ارادي قتل جا قلم شامل ڪيا ويا آهن.

ايف آءِ آر جي متن ۾ چيو ويو آهي ته 4 شڪي ماڻهن پارڪ ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي ته پوليس کين روڪي ورتو، ان دروان هڪ جوابدار ڀڄي پارڪ ۾ داخل ٿيو ۽ پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو.

ايف آءِ آر جي متن موجب  آپگهاتي بمبار جا 3 ساٿي ڌماڪي بعد رش جو فائدو وٺي فرار ٿي ويا…………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*