پشاور جَي حيات آباد ۽ فقير آباد سميت مختلف علائقن ۾ پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن گڏيل آپريشن دوران افغانين سميت 100 کان وڌيڪ شڪي جوابدارن کي حراست ۾ وٺي، هٿيار هٿ ڪري ورتا

peshawar-police

پشاور جَي حيات آباد ۽ فقير آباد سميت مختلف علائقن ۾ پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن گڏيل آپريشن دوران افغانين سميت 100 کان وڌيڪ شڪي جوابدارن کي حراست ۾ وٺي، هٿيار هٿ ڪري ورتا آهن.

حيات آباد، فقير آباد، هشت نگري سميت مختلف علائقن ۾ پوليس ۽ حساس ادارن جي اهلڪارن گڏيل آپريشن ڪيو، جنهن دوران گهرن جي جهڙتي ورتي وئي.

پوليس موجب، سرچ آپريشن دوران افغانين سميت شڪ جي بنياد تي 100کان وڌيڪ ماڻهن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي، جن ۾ ڪجهه شڪي سرگرمين ۾ به ملوث آهن.

پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدارن جي قبضي مان ڌماڪيدار مادو، ٽي ٽي پستول ۽ ٻيا هٿيار هٿ ڪيا ويا آهن، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*