سنڌ هاءِ ڪورٽ، ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج سان بدتميزي تي توهين عدالت واري ڪيس ۾ ايس ايس پي گهوٽڪي ثاقب سلطان 4 اپريل تي مٿس فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو فيصلو

sindh highi court

سنڌ هاءِ ڪورٽ، ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج سان بدتميزي تي توهين عدالت واري ڪيس ۾ ايس ايس پي گهوٽڪي ثاقب سلطان جي غير مشروط معافي واري درخواست رد ڪندي 4 اپريل تي مٿس فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ڊبل بينچ ايس ايس پي گهوٽڪي ثاقب سلطان خلاف عورت جج سان بدتميزي واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران ايس ايس پي گهوٽڪي ثاقب سلطان محمود غير مشروط معافي واري درخواست جمع ڪرائي.

عدالت ايس ايس پي گهوٽڪي جي غير مشروط معافي واري درخواست رد ڪندي مٿس 4 اپريل تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

عدالت، سيڪريٽري اسٽيبلشمينٽ کان ايس ايس پي گهوٽڪي جو سروس رڪارڊ طلب ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي چار اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*