ڪراچي جي احتساب عدالت، اسٽيل مل ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن واري ڪيس ۾ اسٽيل مل جي اڳوڻي ڊائريڪٽر آفتاب معين سميت 61 جوابدارن تي فرد جرم لاڳو

law

ڪراچي  جي احتساب عدالت، اسٽيل مل ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن  واري ڪيس ۾ اسٽيل مل جي اڳوڻي ڊائريڪٽر آفتاب معين سميت 61 جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪندي ڊيلرز ڪمپني جي چئن عورت عهديدارن جي پلي بارگين واري درخواست منظور ڪئي وئي آهي.

احتساب عدالت ۾ اسٽيل ملز اندر ڪروڙين رپين جي ڪرپشن بابت داخل ٻن ڪيسز جي ٻڌڻي ٿي.

ٻڌڻي دوران ڊيلر ڪمپني جي چئن عهيدار عورتن ثنا عبيد، فاطمه ظفر، شاهين ظفر ۽ زبيده بيگم عدالت ۾ پيش ٿيون.

عدالت اسٽيل مل جي اڳوڻي چيئرمين معين آفتاب سميت 61 جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو،جڏهن ته جوابدارن ڏوهه قبولڻ کان انڪار ڪيو آهي.

ڊيلرز ڪمپني جي چئن عورت عهديدارن ڏوهه جو اعتراف ڪندي پلي بارگين جي درخواست جمع ڪرائي، جيڪا منظور ڪئي وئي آهي.

عدالت ڪيس جي شاهدن کي پيش ڪرڻ جي هدايت ڪندي ڪيس اڻڄاڻايل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو آهي…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*